قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندو


اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس وقفي کانپوءِ جمعي تي صبح جو 11 وڳي شروع ٿيندو. اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن 30 جون تي شروع ٿيو هو، اڱاري ڏينهن اجلاس ۾ اليڪش ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو ويو هو جنهن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو هو. جمعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل منظور ڪرڻ جو امڪان آهي.

متعلقہ مضامین