اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گو??در بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ س??مونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گو??در بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گو??در جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گو??در بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گو??در شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گو??در شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گو??در بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گو??در بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گو??در بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ س??مونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوندو، حڪومت گو??در بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گو??در جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گو??در ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، گو??در ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، گو??در تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران وزيراعظم کي گو??در ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گو??در جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.
گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی