اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اس??مبلي جي اجلاس کي الوداعي خطاب ۾ بلاول ڀٽ?? زرداري کي گذارش ڪئي ته سيد نويد قمر مسلم ليگ (ن) کي ڏئي ڇڏين. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وزيرن جا نالا کڻي هڪ هڪ جا ٿورا مڃيا. ان دوران وزيراعظم چيو ته نويد قمر ڪمال جو ماڻهو آهي، بلاول ڀٽ?? زرداري کيس مسلم ليگ (ن) کي ڏئي ڇڏي جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبر خوب لطف اندوز ٿيا. هن چيو ته خواجه محمد آصف مون کان 10 سال وڏو آهي. هن اسحاق ڊار کي محنتي وزير قرار ڏنو. راڻا تنوير حسين جي حوالي سان هن چيو ته هن وڌيڪ دورا ڪيا پر ڪم به ڪيو. شيري رحمان جي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪارڪردگي کي پڻ وزيراعظم ساراهيو. هن راڻا ثناءُ الله، س??دار اياز صادق، اعظم نذير تارڙ، مرتضيٰ جاويد عباسي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado