اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دورا?? ام?? امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شابا??ي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي ت??ڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته ام?? امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شابا??ي ڏيان ٿو جن ڏ??نهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو يوم عاشوره جي پرامن نموني گذرڻ تي شڪر جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو