اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي مفت اٽي جي فراهمي جي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ ه??ي. ??زيراعظم کي اسلام آباد ۾ مفت اٽو فراهمي جي سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جيڪي ماڻهو شامل نه آهن انهن جي لاءِ جدا ڪائونٽر ٺاهيا ويا آ??ن. وزيراعظ?? اٽي جي ورڇ جي لاءِ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪمزور شهرين کي انتظار ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي فوري اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪ??ي. ??زيراعظم بزرگ شهرين ۽ عورتن کان اٽي ورڇ جي حوالي سان ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو. هن مستحق ماڻهن ۾ پنهنجي نگراني ۾ مفت اٽو ورهايو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اٽو ورهائڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آ??ن، عوام جو انگ به تمام وڌيڪ آهي، انهن سڀني کي ويهڻ جي مناسب سهولت ڏني پئي وڃي جيڪا خوش آئنده آهي، اسان کي آپريشنل مسئلن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انتظاميا سچائي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فوٽو ڪاپي تي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي فوري آگاهه ڪري. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي تمام ??هڻ?? حوصلي جوڳي آهي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ مفت اٽي فراهمي جي مرڪز جو دورو، شهرين کي مفت اٽي فراهمي بابت سهولتن جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ