اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اس??ن جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ 5 فيبروري کي اس??ن پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ان??ن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو اس??عمال ڪن. هن چيو ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ٿو ته اس??ن والاريل ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، اس??ن جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي هن ڏين??ن جي موقعي تي اس??ن ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي والاريل علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آهي ته ڪشميري قوم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀارتي نيم فوجي ??ست?? جي هٿان انساني حقن جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي.
پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا: گهرو وزير راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea