ب??لي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري با??ي ۾ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رتنو مر سودي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب خميس ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشيائي هم منصب علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون، جيڪو ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج