اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال ملڪ تي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪاري مل??زم?? ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو، وزيراعظم سرڪاري مل??زم?? جي مشڪلاتن کي ڏسندي انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ۽ ايڊهاڪ رليف ضم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي، اڄ بجيٽ ۾ پينشنرز لاءِ به وڏو اعلان ٻڌڻ لاءِ ملندو، مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيُون جنهن ۾ ملڪ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار احتجاج ڪندڙ سيڪريٽريٽ مل??زم?? سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ۾ سموريون پارٽيون غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي ڀلائي جو سوچ رهي آهي، هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو غريب ?? وچولي طبقي لاءِ رليف جو باعث بڻجندو، بجيٽ ??ان ملڪ جي اندر صنعت، ڪاروبار، واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو، هن چيو ته ناڻي واري وزارت سرڪاري مل??زم?? جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز پيش ڪئي هي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا جي منظوري سان سرڪاري مل??زم?? کي رليف فراهم ڪندا رهنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود اڄ حڪومت ۽ وزيراعظم غريب عوام جو سوچي رهيا آهن، اڄ پارليامينٽ ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي ۽ اها غريب دوست بجيٽ ??هي، ملڪ ۾ نظر ايندو ته معاشي استحڪام ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ جيڪا معيشت عمران خان کي ملي هئي، هن ان معاشي بدحالي ۾ بدلايو، حڪومت مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عمران خان جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري کان عريب عوام کي بچايو آهي، اها بجيٽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي ويندي، غريب ماڻهو کي رليف ملندو، صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو، هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ نوجوانن لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويندا، هن چيو ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آهي جڏهن سرڪاري ملازم رستن تي هجن ۽ وزيراعظم سڪون جي ننڍ سمهي رهيو هجي، هن چيوت ه عمران خان جي نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ عوام ۽ڪاروباري طبقن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته سرڪاري مل??زم?? ثابت قدم رهن، حڪومت صرف ۽ صرف انهن جي ڀلائي جو سوچي رهي آهي، هن چيو ته اڄ وزيراعظم سرڪاري مل??زم?? سان انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ بيٺل آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
گذريل چار سال ملڪ تي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria