اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهمي?? کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجو??نن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي موقعن جي اهمي?? کي اجاگر ڪندي چيو ته سياحت جي شعبي ۾ امڪ??نن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪر?? سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجو??نن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪر?? رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياح?? کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجو??نن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي و??د صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ