اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم پارٽي قيادت کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت مهانگائي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم وچولي طبقي کي ريليف فر??هم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ج??ري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپ??تو??خواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي، هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار ٿيڻ جي اميد آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب، خيبرپ??تو??خواهه ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي حوالي سان سڀ کان ??هم موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پارٽي ليڊرشپ کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مقامي حڪومتن جي چونڊن جي تي??ري جي لاءِ شهرن ۽ ضلعن ۾ شيڊيول ج??ري ڪيا وڃن. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم احساس پروگرام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي و??ري صلاحڪار شوڪت ترين زوم ذريعي جڏهن ته احساس پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پنجاب ۽ خيبرپ??تو??خواهه جي ناڻي وارنوزيرن سميت چيف سيڪريٽرين ۽ سينئر بيورو ڪريٽس شرڪت ڪئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم وولي طبقي کي ريليف جي فراهمي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته خيبرپ??تو??خواهه ۽ پنجاب احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم ۾ ??صي??ار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان به ان سبسڊي اسڪيم ۾ ??صي??ار بڻجن. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ان ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪنڪ ج??ري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپ??تو??خواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت تي مسلسل زور ڏئي رهيا آهيون ته ڪڻڪ جي ريليز کي وڌايو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اٽي جي قيمت گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار متوقع آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته دالين، ڀاڄين، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. جيڪڏهن اهو رجحان برقرار رهيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ ڪجهه ريليف ملندو، حڪومت مهانگائي جي مسئلي جي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ وڏن پروگرامن جو اعلان ڪندو.
وزيراعظم پارٽي قيادت کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت مهانگائي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج