اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪامسٽيڪ سمورن اسلامي م??ڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فر??غ، فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي م??اسٽا ڪري. گڏيل تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڪري انساني زندگين کي بچائڻ جي سلسلي ۾ بک ۽ غذائي تحفظ جي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ لاءِ قومن جي سوچ ۽ نقطه نظر ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلن کي پيش نظر عالمي وسيلن تي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته هو سمورن اسلامي م??ڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون کي فر??غ ڏي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج جو حل ڳولڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ پنهنجي تجربن ۽ ڪاميابين جي م??اسٽا ڪري، هو هتي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ ۾ ورلڊ فوڊ ڊي جي م??اسب سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 9 ملڪن جي سفارتڪارن، سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ (آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن سائٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجيڪل ڪوآپريشن) ۽ برطانيه – پاڪستان اڪيڊمڪ نيٽ ورڪ”ساوي“ جي وچ ۾ سهڪار کي باقاعده جاري ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته دفاع ۽ سلامتي سان گڏوگڏ غذائي تحفظ جو رجحان تيزي سان نمايان ٿيو آهي، ان ڏس ۾ بک جي وڌندڙ خطري جي م??جودگي ۾ قومون جنگين تي اربين ڊالر ڪيئن خرچ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ آبادي کي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن ۾ غذائي کوٽ بابت پيچيدگين سميت تازن ڄاول ٻارن جي م??ت، وڌيڪ ٻارن جي پيدائش سان عورتن کي خراب صحت ۽ ٻارن جي ڪمزور ذهني نشو ۽ نما نمايان آهن، هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي ڀرڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جا منصوبا شروع ڪيا، هن فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ پاڻي جي م??ثر نظام جي لاءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن پاران عملي قدمن جي تجويز ڏني، ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته هن خوراڪ واري وزارت کان سيٽلائيٽ اميجري تي ڪم ڪرڻ جو چيو آهي ته جيئن فصلن جي م??پنگ کي بهتر طور تي سمجهي سگهجي ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي.
ڪامسٽيڪ سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فروغ، فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز