اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، ??سا?? افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چ??هيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغانستان جي اندر فيصلي سازي جو اختيار افغان عوام جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ??ئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سا?? افغانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ??سا?? هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان کي استحڪام ط??ف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ??سا?? طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته ??سا?? جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي ??سا?? وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي سان ??سا?? جو بنيادي شرط آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغانستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.
ٽي ٽي پي کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي: چوڌري
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores