اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن س??لن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن س??لن جي دوران پارليامينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي ٻنهي ??يوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليامينٽ جي ٻنهي ??يوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن س??لن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به ??امل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي ??يڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏ??و آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فن??نس بل به ??امل آهن.
ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت 43 قراردادن جي منظوري ڏني
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina