واشنگٽن -10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪ??تا?? جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر اليگزينڊر گرين کي ٻنهي م??ڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي ??اڳ??پن کي هٿي وٺائڻ ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اهم اعزاز ستاره خدمت سان نوازيو. هن کي اهو ايوارڊ پاڪ??تا??ي سفارتخاني ۾ گذريل ڏينهن منعقد هڪ خاص تقريب ۾ ڏنو ويو. تقريب ۾ ڪانگريس ميمبر رينڊي ويبر، هنري ڪيولر، اڳوڻي ڪانگريسي ميمبر نڪ ليمپسن، ٽيڪساس اسٽيٽ جي نمائندي سليمان لالاڻي، ٽيڪساس ۽ واشنگٽن ميٽرو پوليٽن ايريا مان سفارتڪارن ۽ مشهور شخصيتن، پاڪ??تا?? ڄاون آمريڪي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪ??تا??ي سفير رضوان سعيد شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هتي هڪ غير معمولي شخصيت جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون جنهن جي شراڪت سان پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا وچ ۾ دوستي کي نمايان طور تي مضبوط ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مختلف فورمز تي پاڪ??تا?? جي مثبت تاثر کي هٿي ڏيڻ لاءِ اوهان جي اڻٿڪ ڪوششن ٻنهي م??ڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي ??اڳ??پن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن 2022ع ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ دوران آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي چيو ته هن پاڪ??تا??ي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نه رڳو پاڪستان جو دورو ڪيو پر ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ آمريڪي ڪانگريس ۾ فوري امداد جي به حمايت ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين ان اعزاز لاءِ پاڪ??تا?? حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ان کي ٻن عظيم قومن وچ ۾ دوستي جو هٿ وڌائڻ جو تسلسل سمجهي ٿو. هن چيو ته مان پاڪ??تا??ي عوام ۽ آمريڪا جي ماڻهن وچ ۾ ڪنهن به قسم جو وڇوٽي نه ٿو چاهيان، اسان وچ ۾ ڪا به وڇوٽي ناهي ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين، اسان ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون آهن ۽ هڪ ٻئي لاءِ اسان جي ضرورت تمام گهڻي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام وچ ۾ ??اڳ??پا جاري رکنداسين ۽ اهو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ??تا?? اچڻ لاءِ بي چين آهيان. پاڪ??تا??ي سفير خطي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي خدمتن ۽ پاڪ??تا?? انڊيورنگ اسسٽنس اينڊ ڪ آپريشن انهينسمينٽ ايڪٽ 2009 جهڙي اهم قانون سازي جي قدمن لاءِ ان جي حمايت کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل قدمن، گڏيل احترام ۽ گڏيل نظرين تي ٻڌل پراڻا ??اڳ??پا آهن. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٻنهي م??ڪن ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڪيترن محاذن، دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن عالم چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ڪيو آهي. پاڪ??تا??ي سفير چيو ته اسان جي شراڪتداري جي مضبوطي عوام سان عوام وچ ۾ مضبوط رابطن ۾ آهي.
آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ستاره خدمت سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری