رياض_06 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب تيل جي پيداوار ۾ روزاني 10 لک بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي واري پاليسي ۾ ڊ??مبر تائين تو??يع ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي پاليسي جيڪا هلندڙ سال جولاءِ ۾ لاڳو ڪئي وئي هئي ڊسمبر 2023 تائين جاري ر??ندي، نئين فيصلي کان پوءِ سعودي عرب جي آڪٽوبر نومبر ۽ ڊسمبر ۾ تيل جي پيداوار 90 لک بيرل رهندي، رپورٽ موجب ان فيصلي تي هر مهيني نظر ثاني ڪئي ويندي ته پيداوار ۾ گهٽتائي ڪرڻي آهي يا اضافو، واضع رهي ته سعودي عرب جي تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو اهو فيصلو ان فيصلي کان ڌار آهي جيڪو اپريل 2023 ۾ ڪيو ويو هو جيڪو 2024 تائين لاڳو رهندو، رضاڪاراڻي طور تي ڪيل فيصلي جو مقصد انهن حفاظتي ڪوششن تي زور ڏ??ڻ آهي جيڪي اوپيڪ پلس پاران تيل جي مارڪيٽ ?? استحڪام آئڻ لاءِ ڪيون پيو وڃن.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج