اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 211; سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پا??ست??ن ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ افغانستان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قر??شي جو چوڻ هو ته هندستان پا??ست??ن ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواه?? ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قد?? کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قر??شي چيو ته پا??ست??ن ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پا??ست??ن جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.
افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن