فيصل آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ شهرين کي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي جون وڌيڪ معياري ۽ بهترين سروسز ميسز اچي وينديون. واسا هيڊ آفيس ۾ ايف ڊي اي جي ??يئ??مين ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر لطيف نذر، ايم ڊي واسا جبار انور ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار جي ويزن موجب شهرين کي سيو??يج جي سهولتن ۽ صاف پاڻي جي فراهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي پيڪيج تحت جاري ڪيل فنڊن مان ترقياتي اسڪيمن تي تعيمراتي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته نئين اسڪيمن جا ورڪ آرڊرز جلد جاري ڪيا ويندا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وارث پوره، برڪت پوره، دائود نگر، چمن زار، ابن مريم ڪالوني، خوشحال ٽائون، الحسن ٽائون، ملکانواله رو?? ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيو??يج لائينن، واٽر سپلائي جي مرمت ۽ تبديلي جي ترقياتي اسڪيمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايف ڊي اي جي ??يئ??مين لطيف نذر چيو ته ايف ڊي اي ۽ واسا گڏيل طور تي شهرين کي سيو??يج ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ منظور ٿيل ترقياتي اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ته جئين عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن. واسا جي ايم ڊي جبار انور چيو ته واسا محدود وسيلن ۾ سيو??يج جي معياري سروسز فراهم ڪري رهيو آهي تنهن هوندي به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مشاورت سان ترقياتي اسڪيمن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان شهر ۾ سيو??يج جي پاڻي جي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي ۾ وڌيڪ بهتري ممڪن ٿيندي. هن اپيل ڪئي ته آلودگي ۽ بدبوءَ کان پاڪ ماحول لاءِ سيو??يج سسٽم ۾ گند ڪچرو نه اڇليو وڃي، هن سيو??يج جي نظام کي بحال رکڻ ۾ عوامي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.
فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ