اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ??ري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان مو??عي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان مو??عي تي وزيراعظم منير احمد خان ??ي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ??يل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمر??ن خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمر??ن خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.
وزيراعظم سان ملاقات ۾ منير احمد خان پاران پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل