اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ??رج??ءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آز??دا??ي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آز??دا??ي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.
عالمي برادري ۽ گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجا واعدا پورا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون