اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوج خلاف ڳالهائڻ تي نواز شريف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چ??و آهي ته ان گدڙ کي هاڻي ڪا وي آءِ پي جيل نه ملندي کيس عام قيدين وانگر رکيو ويندو، گوجرانوالا ۾ سرڪس جي اداڪارن کي واضح چوان ٿو ته هاڻي انهن کي نه ڇڏيندس. ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽائيگر فورس پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي ملڪ جي مختلف ??لا??قن مان آيل ٽائيگرز کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به رضاڪار فورس جو معاشري ۾ هڪ ??مام وڏو مقام هوندو آهي، رضاڪارن جو سڀ کان وڏو ڪم شهرين جي ضرورتن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ ان کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، جڏهن ڪنهن معاشري ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته زندهه معاشري جا شهري رضاڪاراڻي طور تي حڪومت جي مدد ڪن ٿا، پاڪستاني قوم تي به جڏهن ڪو مشڪل وقت آيو پوري قوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ بيٺل رهي، 28 مارچ کان ٽائيگر فورس جي قائم ٿيڻ کان هيستائين جيتريون به سرگرميون ان فورس ڪيون انهن تي پوري قوم پ??ران ٿورا مڃان ٿو ۽ ڀليڪار چوان ٿو.
وزيراعظم پاران فوج خلاف ڳالهائڻ تي نواز شريف کي واپس آڻڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil