اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا ???? لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ ل??ڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان ک?? پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل ج?? لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل ل??ڪ ڊائون سبب پوري دنيا ??ي اثر پيا ??هن، معيشت کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا ??هيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا ??هيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ?? آڻي رهيا ??هيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ته اسان الله جي خوشنود?? لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان جي طاقت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان ک?? پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان مقصد ج?? لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ?? آڻينداسين.
ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ