بيجنگ – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي 8 کان 9 آڪٽوبر تي چين جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪيمٽي جي چيئرمين لي زان شو سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ع??ران خان چين جي ڪاروباري اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي وسيع البنياد ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ع??ران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي موجب ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل ات??اق راءِ ۽ اسٽريٽجڪ ??عتماد جي ڀ??پور عڪاسي نظر اچي ٿي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ