اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ??اٺي کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسڪينڊل ۾ افتخار چوڌري جي ??ٽ، ڌي ۽ سيڻ جو نالو به آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي مرتضيٰ ??مج?? ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو مالڪ آهي جيڪو دبئي فرار ٿي ويو هو، ان جي گرفتاري جا وارنٽ نيب جاري ڪيا هئا، وزيراعظم عمران خان ڪيس جي حوالي سان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي پاڪستان جي اندر طاقتور جو به احتساب شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جي ??اهو?? دوري جي ??وقعي تي ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جي ??تاثر ماڻهن وزيراعظم هائوس جي ??اهران احتجاج ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر