اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪ??دگ?? بابت 18 – 2017ع بابت اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت هلندڙ مالي سال دوران اقتصادي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.8 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي ش??ح 6.4 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي واڌويجهه جي ش??ح 6.25 سيڪڙو رهي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي 5 سالن جي اقتدار جي دور دوران ناڻي واڌ جي شرح 11.88 سيڪڙو هئي، بجيٽ خسارو 8.2 سيڪڙو کان 5.5 تائين گهٽ ٿيو آهي، ايف بي آر جي ٽيڪس رهتن جي اوڳاڙي 3900 ارب رپين کان وڌيڪ رهي آهي جيڪا جي ڊي پي جي 11 سيڪڙو کان وڌي ويندي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماع??ل ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اق??ال پريس ڪانفرنس دوران اقتصادي جائزو جاري ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران اقتصادي سروي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات