اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي ملڪ ۾ سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ۽ اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ملڪ ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال جي جائ??ه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، بجلي ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا سي??ري??ري ۽ لاڳاپيل سي??يئر عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي بجلي جي تازي تعطل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ موسم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽرپنگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ