اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قطر کان ايل اين جي جي درآمد جو معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي، معاهدي ۾ ??ا به شيءَ لڪائي ناهي وئي، اسان جو معاهدو 15 سال ۾ دنيا ۾ گهٽ ترين ق??مت جو معاهدو آهي، پهرين اسان ڀاڻ درآمد ڪندا هئاسين، ايل اين جي جي ڪ??ي اڄ اسان برآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ پوري ملڪ ۾ هر شعبي کي سڄو سال گئس ميسر آهي، اڳوڻين حڪومتن به ايل اين جي درآمد ڪرڻ جون ڪوششون ڪي??ن پر ??ا به اڳڀرائي نه ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيا?? ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ توانائي کي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو گئس حاصل ڪرڻ هو، هن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي ۽ ايل اين جي جي لاءِ مشرف حڪومت سميت سمورين حڪومتن ڪوششون ڪي??ن پر انهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪجهه به حاصل نه ٿيو.
ايل اين جي معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش