اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار ??رتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف پاڻي جي جارحيت يا سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ نه رڳو سنڌ طاس معاهدي پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي هون??ي، اهڙن قدمن کي پاڪستان جي خلاف جنگ سمجهيو ويندو، ڀارت معاهدي موجب پاڪستان جي حصي جي پاڻي تي رن اف ريور بجلي جا منصوبا ته هڻي سگهي ٿو پر ان پاڻي کي ذخيرو يا ان جو رخ نه ٿو بدلائي سگهي، ورلڊ بئنڪ ان معاهدي ۾ سهولت ڏيندڙ آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نو??يس جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار ??رتاج عزيز ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان پاران گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ تي ڀارت بوکلائجي ويو آهي ۽ ??و پاڪستان جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری