اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ ??ور??ا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پاڪ ??ور??ا ڪلچرل گالا جو اهتمام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان ۾ ??ور??ا جي سفارتخاني ان ثقافتي ميلي جو اهتمام ڪيو هو. ان موقع?? تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ??ور??ا جو سفير موجود هئا. ڪلچرل گالا دوران ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي فن جو شاندار مظ??هرو ڪيو. پاڪستاني فنڪارن بلال سعيد، نتاشا بيگ، عزير جسوال ۽ خماريان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظ??هرو ڪيو جڏهن ته ??ور??ا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪارن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪارن جي پرفارمنس مان ڀرپور محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پاڪ ڪوريا ڪلچرل گالا جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون