اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي ??ي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو جي خاتمي ??ي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي ??ي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي پوليو جي خاتمي ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان پوليو جي خاتمي ??ي مشن ۾ عالمي ??رادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هيلٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل ??ينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي ??صيدارن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان پوليو جي ڪيسز کي گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن، پوليو ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن علائقن تائين پهچ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سمورين رڪاوٽن جي باوجود اسان جي هيلٿ ورڪرز هر ٻار کي پوليو ويڪسين پيارڻ جي لاءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهل??ءُ کي روڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پوليو جي خاتمي ??ي لاءِ علائقائي تعاون ا??تهائي اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان پوليو جي ڦهل??ءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اها ويڙهه پوليو جي خاتمي ??ان گڏوگڏ عوامي ??حت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچ??ءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ پوليو جي خاتمي ??ي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پنهنجي شهرين ۽ عالمي ??صيدارن جي تعاون سان اسان ا?? مقصد کي حاصل ڪنداسين.
پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل