رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان ??وقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻا??رئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران ??زيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران ??اڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان ??جموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان ??ڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪ?? شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ??نهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام