اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نياڻين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انھن کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ نياڻين جو عا??مي ڏينھن 11 آڪٽوبر تي ملھايو ويو. ان ڏينھن جي حوالي سا?? سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري، خانگي ۽ عورتن جي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن عام ماڻھن کي نياڻين کي بااختيار بڻائڻ جي اھميت ۽ انھن جي درپيش مسئلن جي تدارڪ جي حوالي سا?? آگاھي فراھم ڪئي وڃي. نياڻين جو عا??مي ڏينھن11 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو بنيادي مقصد نياڻين کي بااختيار بڻائڻ سا?? گڏوگڏ تازين ڄاول نياڻين جي اھميت، طاقت ۽ صلاحيت کي تسليم ڪرڻ پڻ آھي. 19 ڊسمبر 2011ع تي گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي 11 آڪٽوبر تي نياڻين جي عا??مي ڏينھن طور ملھائڻ لاءِ ٺھراءُ 170/66 منظور ڪيو ھو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات