اسلام ??باد – 20 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني ??فارتخاني ??و دورو ڪيو. هن پاڪستان ۾ ايراني ??فير سان ايراني ??در ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي پ??هنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني ??وام ??ان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار ??ال?? ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پ??هنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ??در رئيسي جي پاڪستان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله ت??ال??ٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام ??طا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني ??فير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني ??فير چيو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر رئيسي به وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم صدر رئيسي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، مرحوم صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني ??در جي اعزاز ۾ سفارتخاني ??ي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايراني سفارتخاني جو دورو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون