اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته روس ۽ چي?? سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چ??هين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چي?? ته افغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قد?? پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چي?? ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چي?? ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي من??ور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چي?? ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي س??زم??ن تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان پهچائين، ته آئون توهان کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي س??زم??ن تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي س??زم??ن تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چي?? ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چي?? ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ