اسلام ??باد – 18 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي لاءِ ه??ار??ن نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻو پوندو. وفد صد?? کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.
ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا