اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي، صدر شي جي عالمگير ت??قي جي نظريي جي دنيا معترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئون سال شروع ٿيڻ تي چائنا ??يديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه چين جي عوام کي نئين سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهيا ??هن، ڪا به حڪومت يا موسم هجي، چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي نئين سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جڏهن کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيا ??هن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه چين ۽ چين جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ت??قي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ت??قي نه پر هڪ عالمگيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو ملڪ باقي دنيا کان جدا رهي ت??قي نه ٿو ڪري سگهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا ??سرندڙ رهي، ت??قي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ت??قي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ت??قي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ت??قي جي هڪ نئين نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا هاڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه چين جو نظريو دنيا ??ي ڪيترن ئي ملڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن سان چين جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به عالمگيريت تي ٻڌل ت??قي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وچ ايشيا ??ا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي منصوبن تي عمل ڪري رهيا ??هن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو عالمگيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم ح??صل ڪري رهيا ??هن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن چيو ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ??يڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز چين ويا ??ه انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ت??قي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي آهي، ميڊيا ??ن ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر