اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ????يو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، او??هه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪندو ر??يو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پاڪستان پنهنجو اهو ڪردار جاري ??کندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري ??لائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري ??ان مڪمل ڪندو. هن نگ??ان حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگ??ان وزيراعظم چيو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري ??مل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري ??گهي ٿو يا نشر ڪري ??گهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگ??ان وزيراعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري ??کڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگ??ان حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري ??هي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگ??ان حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ????يو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري ??ان ڳالهيون ڪري ????يو آهي، نگ??ان وزيراعظم چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته نگ??ان حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري ??ابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگ??ان وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته او??هه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي اٿاريندو رهندو، افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania