اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ??ير??ن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??ير??ن سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ گهري مذهبي، ثقافتي ۽ ٻولي جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، شاعر مشرق علامه اقبال ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ڪلام جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ??ير??ن جي سفير رضا اميري مغدم سان ڳالهائيندي ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ??ير??ن جي سف??ر مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??ير??ن سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ??ير??ن گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام جي بهتري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏئي رهيون آهن. ملاقات ۾ ??ير??ن سان ميڊيا ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ??ير??ن سان فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي ??ير??ن جي سفير چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال کي ??ير??ن ۾ قومي شاعر جو مقام حاصل آهي. ??ير??ني رهواسي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال کي تمام گهڻي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فارسي زبان سان اسان جو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، ??ير??ن سان گڏجي علامه اقبال تي فلم تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي فارسي زبان جي ڪلام ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي، سچل کي ستن زبانن ۾ فڪر سخن جي ڪري ” هفت زبان شاعر “ جو لقب حاصل آهي، علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي ادبي ڪلام جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، پاڪستان اڪيڊمي ادبيات ۽ خانه فرهنگ ??ير??ن ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون لازمي آهي، اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ اسلامڪ ري پبلڪ نيوز اي??نسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ ٻولي جي ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آهن. اهي معاهد اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ??ير??ني سفير کي پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آهي. ان موقعي تي ??ير??ني سفير پاڪستان جي قا??ون?? ۽ آئين موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، شاعر مشرق علامه اقبال ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ڪلام جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر