اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نائله ڪي??ني ۽ ثمينه بيگ کي دني?? جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دني?? جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ??الو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪي??ني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ارادا بلن?? جبلن کان به بلند آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪي??ني پاڪست??ني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ارادي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪي??ني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو ??الو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪي??ني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪي??ني ٻي پاڪست??ني عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪست??ني عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
وزيراعظم پاران نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر