پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي ??اءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي ??اءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ??اءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ??يمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پ??ليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ مالي معاملن سميت امن امان جي ??جموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي ??الي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي ??اءِ ٽيڪنالاجي جي ??دد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي ??ونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي ??اءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي ??اءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي ??الياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ??اءِ گرانٽ جي ??اهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي ??ونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي ??وجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني.
ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا