اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻايل رقم 267 ا??ب رپيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ا??ب رپيا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ا??ب رپيا (رکيل رقم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پل??نن?? اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻايل رکيل رقم 43 ا??ب رپيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ا??ب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ا??ب رپيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿي?? ضلعن لاءِ، 32.5 ا??ب رپيا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ا??ب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.
مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا