اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيو??سٽ?? جي رٽائرڊ پروفيسر جي پينشن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي يونيو??سٽ?? ۾ 14 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن جو حصو ??دا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏنو ته پينشن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدرجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ يونيو??سٽ?? جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪري پينشن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پينشن محنت سان ڪمايو ??يندڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن جي پينشنري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ??يو ??و ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ??يو ??و ته پينشن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ويندو. صدر چيو ته يونيو??سٽ?? وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيو??سٽ?? اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي يونيو??سٽ?? ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال يونيو??سٽ?? مان رٽائرمينٽ تي يونيو??سٽ?? کي پينشن شيئر جي منتقلي جي درخواست ڪئي. يونيو??سٽ?? پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود پينشن منتقل نه ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. يونيو??سٽ?? حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ??يو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ??دا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار، صدر پاران جو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر کي پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : números dupla sena