اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 8 ڀيرا عالمي چيمپيئن ۽ 6 ڀيرا برٽش اوپن چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪندڙ جان شير خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته توهان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، پوري قوم کي توه??ن تي فخر آهي، ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي چيميئن جان سير خان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيرا??ظم جان شير خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان ۽ توهان جي خاندان پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، پوري قوم کي توه??ن تي فخر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڪوائش سميت سمورين راندين جي فروغ جي لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جا ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳوڻي عالمي چيمپيئن جان شير خان وزيرا??ظم کي اسڪوائش جي فروغ لاءِ پنهنجي تازين سرگرمين بابت آگاهه ڪيو جن کي وزيرا??ظم ساراهيو. جان شير خان هن وقت اسڪوائش جي نوجوان رانديگرن کي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم پاران 8 ڀيرا عالمي چيمپيئن ۽ 6 ڀيرا برٽش اوپن چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪندڙ جان شير خان کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام