اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ا??ار??ت جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ س??حي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب ا??ار??ت ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب ا??ار??ت جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هي?? ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب ا??ار??ت جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ا??ار??تي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا