اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقيات?? منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن ??نص??بي ۾ وڌي چڙ??ي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجل?? منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيشن ج?? منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ ج?? منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني وفد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.
چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil