ڪراچي-18 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ??يا آهن. صوبائي وزير امدادي سرگرمين بابت جاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 500 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ??يا آهن. اهڙي طرح دا??و ۾ 4000، حيدرآباد 3000، سکر 4100، ميرپورخاص 1000، جيڪب آباد 1000، لاڙڪاڻو 3510، قمبر شهدادڪوٽ 6500، خيرپور ميرس 6320، ٺٽو 2500 ۽ شڪارپور ۾ 5400 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1762669 خاندانن ۾ راشن بيگس فراهم ڪيا ??يا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هاڻي تائين متاثرن کي 626607 خيما، 541542 پلاسٽڪ ترپال، 3273337 مڇردانيون، 803496 ليٽر منرل واٽر، 72927 جيري ڪينس، 162323 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 12176 متاثر ريليف ڪيمپن مان گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي ??يا آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 195282 متاثر موجودآهن. جن ۾ 41228 ٻار ۽ 38560 عورتون شامل آهن. رليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 785 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته درياء سنڌ ۾پاڻي جي سطح هيٺين سطح تي آهي. گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 52100 ڪيوس?? آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 48300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 29900 ڪيوس?? آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 74900 ۽ اخراج 45100 ڪيوس?? آهي. صوبائي وزير چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115.5 فٽ آهي.
سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خاندانن کي راشن بيگ فراهم ڪيا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس