اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري چيو آهي ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر جي عوام کي روزگار مليو آهي، ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو، صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو ??ي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر جي عوام کي روزگار مليو آهي. ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو. ڪنهن کي به گمان نه هو ته ٿرپارڪر جي ريگستان مان ڪوئلو برآمد ٿي??دو. اسان کي ترقي جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻو پوندو. صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. ڏينهن رات محنت ڪريون ته هڪ سال ۾ گرين انرجي ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان ٿي??دڙ ترقي جا اثر عوام تي به پون ٿا. هن چيو ته ٿر جي عوام جي لاءِ حڪومت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ٿر جي ڪري پاڪستان بدلجي چڪو آهي. صوبائي حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾و فاقي حڪومت به مڪمل مدد ڪئي آهي. ٿر سان بجلي جي پيداوار جا منصوب?? چين پاڪستان دوستي جو ثبوت آهن.
ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر جي عوام کي روزگار مليو آهي، ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا