نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف ??ي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. پاڪستان 50 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ شامل آهي جنهن جو قيام جي ڊي آءِ جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ عمل ۾ آندو ويو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٺوس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي ل??ڳو ڪرڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي ل??ءِ اسان جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.
چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران جي ڊي آءِ جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس