اسلام آباد – 02 211; ??يپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انسا??ي امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انسا??ي امدادي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس ش??مل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، ??طر کان انسا??ي امداد جي پهرين جهاز جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ??ورا مڃيا آهن.
ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز ڪراچي پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو