اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ ا??ان جي آزادي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ا??ان پنهنجي محنت ??ان حاصل ڪيل آزادي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، ا??ان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته ا??ان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو ا??ان جي بانين ڏٺو هو. ??ن ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو خواب شامل هو. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آزادي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آزادي آهي. معاشي خودمختياري کانسواءِ ا??ان جي آزادي نامڪمل آهي، ا??ان جي سڀ کان وڏي طاقت ا??ان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.
حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria