لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏس??ي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏس??ي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڀارت پاران ڪشمير جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي هر پليٽ فارم تي ڪشمير جي مس??لي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ??ن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مس??لي کي حل ڪري ته جيئن ڪشميري آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔